ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل ڪاليج (جناح اسپتال) ۾ 500 بسترن ۽ 18 جديد ترين آپريشن ٿيٽرن تي مشتمل سرجيڪل ڪمپليڪس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت ۽ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جي سهڪار سان جناح اسپتال ۾ سرجيڪل ڪمپليڪس جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اسان جڏهن به جي ايم سي ۾ ايندا آهيون ته اسان کي نئون پلان ملندو آهي.
سنڌ حڪومت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عالمي ميگزين دي اڪانومسٽ موجب ايشيا ۾ پبلڪ پرائيويٽ جو بهترين ماڊل ڪراچي ۾ آهي، جتي هو مفت علاج ۽ کاڌي پيتي جو به خيال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي اسپتالن جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن، هتي هر پاڪستاني کي سهولت ملي رهي آهي.










