نوشھروفيروز ( رپورٽ منظور ملڪ)جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي نوشھروفيروز ۾ شھيد عرفان جتوئي جي قتل خلاف احتجاجي مظاھرو ڪديو ويو احتجاج جي اڳواڻي جسم ضلع صدر عرفان ڏاھري۔ وسيم راڄپر۔ فلڪ سنڌي۔ قابل ڪلھوڙو ۽ شھزاد ابرو ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عرفان جتوئي کي کنڀي گم ڪرڻ کانپو۽ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ آھي عرفان کي سوين شاگردن جي سامهون سنڌ يونيورسٽي مان کنڀڻ کان پو۽ ايس ايس پي سکر عرفان سمون پاران ڊرامائي انداز سان ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو جيڪو ايڪسٽرا جڊيشل ڪلنگ آھي جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا جيڪڏهن هن تي ڪيس هيا ته عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ها هنن مطالبو ڪيو ته عرفان جي قتل ۾ ملوث ايس ايس پي عرفان سمون۔ ڊي ايس پي نثار شاھ۔ رجسٽرار غلام محمد ڀٽو۔ وي سي سنڌ يونيورسٽي محمد صديق ڪلھوڙو سميت ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي










