جسقم اڳواڻ ۽ شاگردن مٿان بغاوت ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، سندس 2500 سئو ساٿين ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن مٿان بغاوت جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جسقم، جساف، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. *** شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ مطابق جسقم ۽ جساف جي سڏ تي جسقم چيئرمين ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي بغاوت جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن جي اڳواڻي اسرار سومرو، آغا ڪالاڻي، وقار قريشي، غلام شبير جويو، عرفان بروهي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن جي هٿن ۾ پارٽي جهنڊا ۽ پوسٽر هيا.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ پرامن مارچ ڪرڻ تي پوليس پاران بيگناه جسقم چيئرمين مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي انتظاميه پاران حق گهرڻ تان شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو جيڪو پڻ مذمت جوڳو عمل آهي هنن ڪراچي پوليس ۽ ڄامشورو پوليس جي اهڙي عمل جي  سخت مذمت ڪندي داخل ڪيل ڪيس فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. *** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت 2500 ڄڻن ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن هاسٽل اندر پاڻي کوٽ خلاف مظاهرو ڪرڻ تي پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف جساف جي مرڪزي سڏ تي شعيب ميمڻ، سرفراز ميمڻ، حنان عباسي، ڪاشف لاکو، منير ابڙو، تعمير خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته پيغام سنڌ مارچ ڪراچي ۾ لکين سنڌي ماڻهون گڏ ڪرڻ تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت 2500 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ تي شاگردن مٿان به بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي. *** گهوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو مطابق جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن مرڪز جي سڏ تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، الاھي بخش بڪڪ، ضمير ھاجاڻو  ۽ ٻين ڪارڪنن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جساف اڳواڻ ڪامريڊ  رشيد سنڌي، جسقم ضلعي صدر حبيب اللھ گھوٽو، ڪامريڊ اڪرم ٿھيم، بلال چاچڙ، وھاب سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچي اندر پيغام سنڌ مارچ ڪرڻ تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته سيد جي پيروڪارن کي ڪير به جهڪائي نه ٿو سگهي اسين سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکنداسين. *** لاڙڪاڻو مان عبدالوحيد ابڙو مطابق جيئي سنڌ قومي محاذ (جساف) جي مرڪزي سڏ تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ سندس ساٿين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، طارق حسين ڪورائي، اسامه انڙ، سالار مغل، راهب سومرو، ساجد ڪلهوڙو، اويس چانڊيو، امتياز موريو ۽ ٻين چيو ته حڪومت جي نااهلي ايتري آهي جو سنڌ جي آواز کي بلند ڪرڻ لاءِ هتان جي حڪومت گونگي ۽ ٻوڙي لڳي پئي آهي چاهي ڪيترا به ڪيس داخل ڪيا وڃن پر سنڌ جو سودو قبول نه ڪيو ويندو جڏهن ته اسان جي جدوجهد جاري رهندي. احتجاجي ڪندڙ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت سندس ساٿين ۽ ڄامشورو يونيورسٽي جي شاگردن مٿان داخل ڪيل بغاوت ڪيس ختم نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ***  قاضي احمد مان جاويد جتوئي مطابق سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي پاران  ايڊمور پمپ کان پريس  ڪلب  تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي  ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن رمضان لاشاري، عجيب جتوئي، مجيب لاکو، ڪامريڊ الھبچايو ملاح ۽ ٻين چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان داخل ڪيل ھٿ ٺوڪيو بغاوت جي ڪوڙي ڪيس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. شاگردن  تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري تعليم دشمن هجڻ جو ثبوت ڏنو ويو آھي. ھنن چتاءُ ڏنو ته شاگردن تي داخل ڪيل بغاوت جو  ڪيس  ختم نه ڪيو ويو ته سموري سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو  وڌايو ويندو. واضح رهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ پيغام سنڌ مارج دوران جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه صنعان قريشي، الاهي بخش بڪڪ ۽ ضمير حاجاڻو سميت 2500 ڪارڪنن تي ملڪ دشمن سرگرمين، فوج سميت رياستي ادارن خلاف اڪسائڻ جي الزامن هيٺ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي اي ايس آءِ علي دوست بگٽي جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ انسداد دهشتگردي ايڪٽ جا قلم به لاڳو ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشور جي 17 شاگردن مٿان پڻ رياستي ادارن خلاف ڳالهائڻ ۽ پاڪستان مخالف نعرا هڻڻ جي الزام ۾ پڻ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو