’مس ڪانڊڪٽ‘ جي ڪاروائي استعيفيٰ يا رٽائرمينٽ سان ختم نه ٿيندي

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ، رٽائرمينٽ وٺڻ يا استعيفيٰ ڏيڻ واري جج خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي از خود ختم ڪرڻ واري معاملي بابت وفاقي حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪري ڇڏي آهي. پنج رڪني بينچ مان هڪ جج اختلا ڪيو ۽ 4 ججن اتفاق راءِ سان چيو آهي ته مس ڪانڊڪٽ جي الزام بعد ڪنهن به جج خلاف سپريم جديشل ڪائونسل ۾ هلندڙ ڪاروائي تيسين ختم نه ٿيندي جيسين ڪائونسل پاڻ اهڙو ڪو فيصلو ميرٽ تي نه ڪري. 2023 ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جيڪا جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي مشتمل هئي تنهن پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪاروائي آئين جي آرٽيڪل 209 هيٺ حاضر سروس جج خلاف ٿي سگهي ٿي. 2 رڪني بينچ موجب رٽائرڊ يا مستعفي ٿيل جج خلاف ڪارائي نٿي ڪري سگهجي. اهو ڪيس سول سوسائٽي جي غافيه شهربانو ضيا، افراسياب خٽڪ، ايم ضياءُ الدين، فرحت الله بابر، بشرا گوهر سميت 98 ميمبرن 2018 ۾ داخل ڪيو هو. تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار جي دور ۾ سپريم ڪورٽ جي هڪ حاضر سروس جج خلاف مس ڪانڊڪٽ جي ريفرنس تي ڪاروائي نه پئي ڪئي وئي. انساني حقن جي اڳواڻ حنا جيلاني هن ڪيس ۾ وڪيل هئي، ڪيس پينڊنگ هيو ۽ واسطيدار جج 17 جون 2019 تي رٽائر ڪري چڪو هو. جنهن بعد زير التوا ان ڪيس جو فيصلو 13 جون 2023 تي 2 رڪني بينچ ٻڌايو هو، جنهن خلاف وفاقي حڪومت انترا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي. جنهن جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي ۽ اپيل منظور ڪئي. هن بينڄ ۾ جمال خان مندوخيل، جسٽس مسرت هلالي، عرفان سعادت خان ۽ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي شامل هئا. جسٽس رضوي اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو آهي. اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪاروائي ختم ڪرڻ جي مجاز آهي نه ڪي الزام هيٺ آيل جج جي مستعفي يا رٽائرمينٽ وٺڻ سبب ڪاروائي ازخود ختم ٿيندي. هن ڪيس ۾ اڳوڻي اٽارني جنرل خالد جاويد خان، خواجا محمد حارث، عبدالمعز جعفري ۽ فيصل صديقي عدالتي معاون وڪيل هئا. ياد رهي ته هن وقت جسٽس (ر) سيد مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف ڪرپشن، مس ڪانڊڪٽ ۽ اختيارن جي غلط استعمال بابت سپريم جديشل ڪائونسل ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي. ريفرنس ۾ واضح ثبوت هئڻ ۽ ٺوس شاهديون پيش ٿيڻ بعد ڪاروائي کان بچڻ لاءِ هن استعيفيٰ ڏني هئي. عدالت جي اڄوڪي فيصلي بعد سندس خلاف ڪاروائي جاري رهندي. جسٽس نقوي خلاف اهو به الزام آهي ته هن پرويز الاهي جي پرسنل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي کي روپوشي دوران پنهنجي سرڪاري گهر ۾ پناهه ڏني هئي.  ان دوران پرويز الاهي ۽ جج جي هڪ آڊيو ليڪ به سامهون آئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو