جج حيات علي ڊي جي فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيات علي کي ڊي جي فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي مقرر ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس ٿيو ۽ اڪيڊمي جي ڊي جي لاءِ اميدوارن جا انٽرويو ورتا.ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي موجب رٽائرڊ سيشن جج حيات علي شاهه کي ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل بيان موجب فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي جي اجلاس ۾ بورڊ آف گورنرز جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي. فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي جي بورڊ آف گورنرز جو آخري اجلاس نومبر 2019ع ۾ ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو