جج جو اسپتال جو دورو، مريضن کي 3 ويلا ماني ڏيو

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ سول اسپتال جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ٻارن واري ۽ جنرل وارڊ جي وزٽ پڻ ڪئي ۽ مريضن کان کاڌي ۽ دوائن جي ملڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. خواتين مريضن سيشن جج کي پوريون دوائون نه ملڻ ۽ کاڌو هڪ ويلو ملڻ جو ٻڌايو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کاڌي بابت ايم ايس کان پڇاڻو ڪيو. جنهن ٻڌايو ته هن وقت مريضن کي صرف هڪ ويلو کاڌو ڏئي رهيا آهيون، جنهن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايم ايس ڊاڪٽر نورالدين ابڙو ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شبير احمد شيخ کي هدايت ڪئي ته مريضن کي 3 ويلا کاڌو ڏنو وڃي ۽ اهو کاڌو ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري سان ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ جيڪي ڊاڪٽر مريضن جو علاج ڪن ٿا، انهن جو هڪ پينل جوڙيو وڃي، جيڪي کاڌي جي لسٽ يا مينيو تيار ڪن ته جيئن مريضن کي پرهيز آهر کاڌو ملي سگهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايم ايس ۽ ڊي اڇ او کي اها پڻ هدايت ڪئي ته ٻارن جي وارڊ ۾ والدين کي بريسٽ فيڊنگ بابت آگاهي ڏني وڃي ۽ ان موقعي تي ڊاڪٽرن کان اهڙي معلومات ورتي. ايم ايس کي هدايت ڏيندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج چيو ته هن دفعي هو طئي شده پروگرام تحت آيو آهي، جنهنڪري اسپتال جا انتظام ۽ صفائي بهتر لڳي رهي آهي. آئينده هو سرپرائيز وزٽ ڪندو ۽ اسپتال جا معاملا بهتر هجڻ گهرجن، ٻي طرف سرهينري هالينڊ آءِ هاسپيٽل جي قبضي واري روينيو پاران ڏنل رپورٽ تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بي اعتماديءَ جو اظهار ڪندي رپورٽ واپس موڪلي ڇڏي  ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايتون ڏنيون آهن ته اسپتال بابت سمورا ڪاغذات پيش ڪيا وڃن ته جيئن معاملي جو جائزو وٺي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو