جاپان پاران غزه جي شهرين لاءِ 1 ملين ڊالر امداد جو اعلان

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)جاپان غزه جي شهرين لاءِ 10 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي.جاپان جي پرڏيهي وزير يوڪو ڪميڪاوا جو چوڻ آهي ته غزه جي شهرين جي مدد لاءِ 10 ملين ڊالر امداد ڏني ويندي.پرڏيهي ميڊيا موجب جاپاني پرڏيهي وزير چيو آهي ته هو غزه جي صورتحال کي ڳڻتيءَ سان مانيٽر ڪري رهيا آهن، جاپان کي اميد آهي ته صورتحال جلد کان جلد پرامن ٿي ويندي.يوڪو ڪميڪاوا وڌيڪ چيو آهي ته هوءَ پنهنجي ايراني هم منصب سان ڳالهين لاءِ حتمي تياريون ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو