جان ريمبو کي ڀارتي ڪاميڊين جوني ليور جي ياد ستائڻ لڳي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪاميڊين، ڊائريڪٽر ۽ ميزبان افضل خان عرف جان رمبو، ڀارتي ڪاميڊين جاني ليور سان گڏ گذاريل وقتن کي ياد ڪرڻ لڳو.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪار پنهنجي 2011ع جي فلم ”لو مون گم“ جي هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڀارتي اداڪار جاني ليور به پنهنجي اداڪاري جا چٽ ڏيکاري رهيو آهي.هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ جاني ليور سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي کي ياد ڪندي لکيو ته، ”جاني ليور ڀائي سان گڏ ڪم ڪندي تمام سٺو وقت گذريو. هڪ عظيم ۽ مهربان دل وارو ماڻهو، اسان وٽ سيٽ مان بهترين يادون آهن، خدا توهان کي خوش رکي جاني ڀائي.

پهنجو تبصرو موڪليو