آءِ ايم ايف ۽ حڪومت ۾ استاف ليول معاهدو ٿي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي نظرثاني مشن وچ ۾ معاشي جائزي لاءِ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن.ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي انتظام تحت گذريل معاشي جائزي واري ڳالهه ٻولهه ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاران اڄ رات بيان جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب آءِ ايم ايف وزيراعظم شهباز شريف کان اسٽاف سطح تي معاهدو ڪرڻ کان اڳ پهرين جولاءِ 2024ع کان بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ تيل جي قيمتن ۾ تبديلي سميت جاري معاملن تي وزيراعظم شهباز شريف کان اعليٰ سطحي اطمينان جو مطالبو ڪري رهيو آهي.صوبا 600 بلين رپيا اضافي روينيو پيدا ڪرڻ تي راضي ٿيا آهن، پر اهو معاملو اڃا به مسئلو بڻيل آهي ڇو ته ايم اي ايف پي کي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ان کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ تبديلين جي توقع آهي.ٻيو مسئلو اهو آهي ته آءِ ايم ايف ريٽيلرز لاءِ اسڪيم جو اعلان ڪرڻ چاهي ٿو پر ايف بي آر ايندڙ بجيٽ ۾ اسڪيم شروع ڪرڻ لاءِ دوري تي آيل ٽيم کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڇو ته ان لاءِ تمام گهڻي محنت جي ضرورت پوندي، جڏهن ته ان جو مجموعي آمدني تي ڪو به مثبت اثر نه پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو