ثنا خان جي پٽ سميت مولانا طارق جميل سان ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ)اسلام جي خاطر بالي ووڊ انڊسٽري کي الوداع چوڻ واري اڳوڻي اداڪارا ثنا خان پنهنجي مڙس مفتي انس ۽ پٽ طارق جميل سان گڏ مشهور اسلامي اسڪالر مولانا طارق جميل سان ملاقات ڪئي.ثنا خان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي مولانا طارق جميل سان پنهنجي گهرواري جي ملاقات جي وڊيو شيئر ڪئي آهي.هن وڊيو ۾ ملاقات دوران مولانا طارق جميل کي ثناءُ خان جي پٽ کي گود ۾ کڻي پيار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.هن وڊيو شيئر ڪندي اڳوڻي اداڪارا ڪيپشن ۾ لکيو ته جونيئر طارق جميل حضرت مولانا طارق جميل صاحب سان ملاقات ڪري رهيو آهي. هن لکيو ته مولانا کي ڏسي واقعي اسان کي الله ياد اچي ٿو ڇو ته هو تمام خوبصورت انسان آهي.ثناءَ خان لکيو ته مولانا طارق جميل منهنجي ۽ ٻين ڪيترن ئي لاءِ هدايت جو سرچشمو هو، الله تعاليٰ کيس هميشه خوش رکي ۽ کيس سٺي صحت عطا فرمائي، مولانا هميشه مون کي ڌيءَ سڏيو ۽ پنهنجي حڪمت جي لفظن سان مون کي هميشه صبر جي توفيق ڏني.هن پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ لکيو آهي ته شايد ماڻهو توهان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پنهنجن مفادن لاءِ توهان کي نشانو بڻائين پر اسان کي مضبوط ٿيڻو پوندو ۽ اهو به الله سبحانه وتعالي جو امتحان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو