اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن تڪبندين بابت قائم ڪميٽين کي پنهنجو ڪم هر صورت ۾ 26 سپٽيمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، ڪميشن تڪبندي ڪميٽين جي ڪم جو جائزو ورتو. ترجمان ٻڌايو ته تڪبندي ڪميٽين کي پنهنجو ڪم هر صورت 26 سپٽيمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ڪميٽين کي 27 سپٽيمبر تي ابتدائي تڪبندين جي ڇپائي به يقيني بڻائڻ هدايت ڪئي وئي آهي.
