توهين عدالت جي ڪاروائي کانسواءِ ڪم ڇو نٿا ڪريو، عدالت

 ڪراچي (شهزادو مستوئي) سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه 192 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ  هلندڙ سيزن لاءِ ڪمند جي اگهه توڙي ڪوائلٽي پريميم مقرر  ڪرڻ بابت پيش ڪيل نوٽيفيڪشن کي رڪارڊ تي جو حصو بڻائيو. عدالت  19-2018ع ۾ سرڪار پاران ڪابينا جي منظوري بنا ڪوالٽي پريميم جي مقرري واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي سنڌ سرڪار کي 20 ڏينهن اندر ڪابينا جي منظوري سان 19-2018ع جي سيزن لاءِ ڪوالٽي پريميم مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ساڳئي حڪم ۾ ڪوالٽي پريميم بابت 1998ع کان 18-2017ع تائين جاري ڪيل نوٽيفيڪشنز جو رڪارڊ پڻ ايندڙ ٻڌڻي  19 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اهڙو حڪم اڱاري تي هلندڙ سيزن لاءِ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ توڙي شگر ملز پاران گذريل سال ڪابينا جي منظوري بنا ڪوائلٽي پريميم بابت جاري نوٽيفيڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ ڌار ڌار داخل ڪيل درخواستن جي گڏيل ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت آبادگار ۽ وڪيل سيد مريد علي شاهه پاران عدالتي حڪم جي باوجود هلندڙ سيزن لاءِ سرڪار پاران ڪمند جو اگهه ۽ ڪوائلٽي پريميم مقرر ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن جاري نه ڪرڻ تي داخل ڪيل توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته زراعت کاتي جي سيڪريٽري آغا ظهير الدين ۽ ڪين ڪمشنر صبغت الله مهر عدالت ۾ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ڪاپي پيش ڪندي دير ڪرڻ تي عدالت کان غير مشروط معافي ورتي. عدالت کين مخاطب ٿيندي چيوته  توهين عدالت جي ڪارروائي کان سواءِ ڪم ڇو نه ٿا ڪريو؟  جيڪو ڪم توهان جو آهي اهو  عدالت  کي ڪرڻو پئي ٿو جنهن بعد عدالت سندن معافي واري درخواست منطور ڪندي سندن خلاف توهين عدالت واري درخواست اڪلائي ڇڏي. ان موقعي تي سيد مريد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار هلندڙ سيزن ۾ ڪوالٽي پريميم جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو آهي پر سنڌ جي آبادگارن کي 1998ع کان شگر ملز مالڪ ڪوالٽي پريميم ادا نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 1998ع کان اڳ سنڌ جي ڪمند ۾ 8.7 کان مٿي مٺاس تي 32 پئسا في پوائنٽ تي پريميم  ملندو  هو. جنهن ۾ 1998ع ۾ واڌ ٿي ته شگر ملز ان کي عدالت ۾ چئلينج ڪري اسٽي آرڊر وٺي ادائگي روڪي ڇڏي پر هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ به ڪوالٽي پريميم خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن ته سنڌ جي آبادگارن کي ڪوالٽي پريميم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. هن چيو ته نه رڳو 1998ع کان روڪيل پريميم ڏنو وڃي پر ان وقت جي حساب سان ان ۾ اضافو به ڪيو وڃي جنهن تي شگر ملز مالڪن جي وڪيل چيو ته سنڌ سرڪار گذريل سال 19-2018ع جي سيزن ۾ ڪمند جو اگهه تي ڪابينا جي منظوري سان مقرر ڪيو پر ڪوالٽي پريميم کي ڪابينا آڏو پيش نه ڪيو ويو. جنهنڪري ڪوالٽي پريميم جي مقرري بابت جاري ڪيل نوٽيفيڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي جنهن تي عدالت ڄاڻايل نوٽيفيڪشن جو جائزو وٺڻ بعد ان کي ڪابينا جي منظوري بنا جاري ٿيل ڄاڻائيندي ڪالعدم قرار ڏنو. سنڌ سرڪار 20 ڏينهن اندر 19-2018ع جي سيزن لاءِ ڪوالٽي پريميم بابت نئون نوٽيفيڪشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي سيد مريد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن 19-2018ع جي ڪوالٽي پريميم جو نوٽيفيڪشن غلط آهي ته ان جي اصلاح ڪئي وڃي پر ان کان اڳ 1998ع کان روڪيل پريميم ته آبادگارن کي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي جنهن تي شگر ملز جي وڪيل چيو ته عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ کان پوءِ يعني 1998ع کان 2017ع تائين سنڌ سرڪار ڪڏهن ڪوالٽي پريميم جو نوٽيفيڪشن جاري ئي ناهي ڪيو جنهن تي مريد علي شاهه چيو ته شگر ملز مالڪ غلط بياني ڪري رهيا آهن. سنڌ سرڪار عدالتي فيصلي سان مشروط نوٽيفڪيشن جاري ڪندي رهي آهي جنهن تي عدالت سنڌ جي ڪين ڪمشنر ۽ درخواست گذار کي 1998ع کان 2017ع تائين ڪمند جي ڪوالٽي پريميم بابت جاري ڪيل نوٽيفيڪشنز  19 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو