اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين رسالت ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني، ملزم حسن عابد جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ٽرائل ڪورٽ کي ڪيس جي ٽرائل ٻن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ درخواست رد ڪري ڇڏي، وڪيل هادي علي موقف اختيار ڪيو ته هن عدالت ڊي جي اين سي سي آءِ اي کي 8 آڪٽوبر تي سڀني شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر عدالتي حڪم جي باوجود ڪجهه شاهد پيش نه ٿيا، وڪيل چيو ته شاهدن جي پيش نه ٿيڻ سبب ٽرائل ڪورٽ پاران گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. عدالت ۾ ايندڙ شاهدن جي جرح مڪمل ٿي چڪي آهي، زعيم ذوالفقار ڪيس ۾ چالان جمع نه ڪرايو ويو آهي، جاچ آفيسر به پيش نه ٿي رهيو آهي، جنهن تي وڪيل عادل عزيز قاضي عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر ٻنهي ٻڌڻين ۾ موجود آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخواست ڏيندڙ کي ڪيتري عرصي کان گرفتار ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي وڪيل هادي علي عدالت کي ٻڌايو ته درخواست ڏيندڙ هڪ سال ۽ ست مهينن کان حراست ۾ آهي،هاءِ ڪورٽ ضمانت جي درخواست رد ڪندي ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي ته ٻڌڻي مڪمل ڪري ٻن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.










