تنگواڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان پنهنجي گهرواري قتل

تنگواڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان پنهنجي گهرواري قتل

تنگواڻي (ن س )تنگواڻي ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ مڙس پنهنجي گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ الف بجاراڻي ۾ جوابدار عمران ڀيو پنهنجي گهرواري جنت خاتون کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار گهرواري کي قتل ڪرڻ بعد واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو آهي. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو