تنگواڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 7 زخمي

تنگواڻي: (ن س )تنگواڻي ڀرسان سنڌ بلوچستان جي سرحدي پٽي جاني ٻيڙي واري علائقي ۾ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ دوران 2 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا آهن.مارجي ويلن جي سڃاڻپ عبدالرزاق بگٽي ۽ سهيل بگٽي جي نالي طور ٿي آهي. واقعي کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي. سوئي مان ليويز جا اهلڪار جهيڙو ٽارڻ لاء روانا ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو