تنگواڻي ڀرسان هٿياربند هٿان پنجاب واسي 2 پورهيت اغوا

تنگواڻي (ن س) تنگواڻي جي ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ٺل_تنگواڻي لنڪ روڊ وٽ بجاراڻي فلنگ اسٽيشن تان فيصل آباد جا رهواسي 2 پورهيت 20 ورهين جي نوجوان محمد راشد ۽ 30 ورهين جي نوجوان محمد عباس پنجابي کي هٿيار بند اغوا ڪري ويا،ان موقعي تي اغوا ٿي ويلن جي مامي عطاءُالله پنجابي چيو ته اغوا ٿيل ٻئي ڄڻا منهنجا ڀائٽيا ۽ ڀاڻيجا آهن مونکي ۽ چوڪيدار غلام حسين چولياڻي کي ٻڌي ويهارڻ بعد ٻنهي نوجوانن کي اغوا ڪري 80 هزار روڪ رقم 3 موبائلون ڦر ڪيون ويون مامي عطاالله چيو تہ هٿياربندن کي رڙيون ڪيون تہ مزدور آهن ڇڏيو هٿياربندن چيو تہ اسان جا ماڻهون پوليس وٽ آهن جن کي آزاد ڪرڻ بعد مزدورن کي ڇڏينداسين، جنھن بعد ھٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا ياد رهي ته تعلقي ۾ اغوا ٿي ويل مغوين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي. جڏهن ته پوليس هٿياربندن آڏو بيوس بڻيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو