تلھار ۾ سوزوڪي کاهي ۾ ڪري پئي، عورت فوت، 20 ڄڻا زخمي

تلھار: (ن س) تلھار ويجھو بدين حيدرآباد شاهراهه حاجي خان اسٽاپ وٽ تيز رفتار سوزوڪي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب کاهي ۾ ڪري پئي، سوزوڪي ۾ سوار 20کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون سميت ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا.جڏهن ته 11 زخمين کي طبي امداد لاءِ تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمين کي انڊس اسپتال بدين منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ هڪ عورت فوت ٿي ويئي، جڏهن ته 10کان وڌيڪ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.هوڏانهن تعلقا اسپتال منتقل ٿيندڙ زخمين ۾ بگهو، راني، جامني، نازو، ڪيشو، ڪرشن، نارو، چنو، رائسن، هيماني شامل آھن. حادثو لاباري تي ويندڙ ڪولهي برادري جو حاجي خان اسٽاپ وٽ پيش آيو، جتي سوزوڪي جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي ويئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو