تعليم کاتي جو انوکو آرڊر،فوتي ماستر کي طلب ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي نئون انوکو ڪارنامو انجام ڏيندي فوتي ماستر کي اسڪول مان غير حاضر رهڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.پرائمري استاد حاجي ڪپري 7 اپريل 2023 تي لاڏاڻو ڪري ويو هو.ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري ميرپورخاص سامارو واسي استاد کي گوسرو ڄاڻائي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.ڊائريڪٽر پرائمري جي اهڙي نوٽيس تي سماجي ڌرين پاران حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو