تعلقه اسپتال تي مخصوص مافيا قابض اسپتال ڀينگ بڻيل

تعلقه اسپتال تي مخصوص مافيا قابض اسپتال ڀينگ بڻيل

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي تعلقه اسپتال اندر مخصوص مافيا جي قابض هجڻ ڪري اسپتال ڀينگ بڻجي وئي اسپتال اندر مختلف بيمارين جا شعبه ۽ مشينون ته قائم آهن پر ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري مريض هر شهولت کان محروم بڻيل آهن.گهوٽڪي تعلقه اسپتال اندر مقرر ايم ايس ارباب ملڪ ۽ سندس مخصوص ٽولي جي مقرري سبب اسپتال اندر مقرر ڪيترائي اسپيلسٽ ڊاڪٽر بدلي ڪرائي ويا  جڏهن ته هڪ ڊاڪٽر پڻ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي آهي  جڏهن ته اسپتال اندر ايم ايس جي مخصوص ٽولي اسپتال اندر هڪ هٽي قائم ڪندي گهوٽڪي اسپتال اندر صرف هڪ بجي تائين موجود هجن ٿا ۽ ايندڙ مريضن سان به ايم ايس گهوٽڪي جو رويو پڻ درس نه هجڻ ڪري ڪيترا مريض هر روز تشدد نشانو بڻيل رهي ٿو , ذريعن موجب ته گهوٽڪي تعلقه اسپتال جي ايم ايس ۽ مخصوص ٽولو پڻ دوائون وڪرو ڪرڻ ۾ پڻ ملوث آهن , جڏهن ته رات جي انڌيري ۾ لکين رپين جو دوائون مختلف اسٽورن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون , جڏهن ته مخصوص ٽولي جي ڪري اڪثر مريض علاج بنا واپس ورڻ لڳا , گهوٽڪي جي چونڊيل نمائندن ڪوششن ڪرڻ بعد مختلف شعبه قائم ڪيا ويا , پر ايم ايس ارباب ملڪ جي ڪارڪردگي سبب مختلف شعبه ويران بڻيل , جڏهن ته اسپتال ۾ موجود جنيٽر جو لکين رپين جو تيل به سالن کان ڪرپشن به ور چڙهيل آهي , ڪرپشن جي بازار گرم هجڻ ڪري اسپتال انتظاميه مريضن لاء ايندڙ ماني جا پيسا پڻ هڙپ ڪري ڇڏيا آهن , اسپتال اندر موجود مريضن جا بيڊ به سالن کان ناڪارا بڻيل آهن , جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ڪاغذي ڪاروائي ۾ اوڪي ڄاڻائي هڙپ ڪئي وئي آهي , گهوٽڪي جي سياسي , سماجي اڳواڻن ۽ شهرين چيف جسٽس , سيشن جج ۽ نيب , اينٽي ڪرپشن کي اپيل ڪئي آهي ته گهوٽڪي تعلقه اسپتال اندر موجود ڪرپٽ مافيا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري , مريضن کي سهولتون فراهم ڪيو وڃن .گهوٽڪي تعلقه اسپتال اندر گذريل ڏينهن ڳوٺ حسين ٻيلي جي رهواسي پورهيت رحمت الله ملڪ جي ٽن سالن جي معصوم نياڻي الفت خاتون کي سيني ۾ سور پيو جنهن کي تعلقه اسپتال گهوٽڪي آندو ويو , جتي موجود ڊاڪٽر ثمينه پاران ٻارڙي کي فوري طور سکر ريفر ڪرڻ جو ليٽر ڏنو , پر گهوٽڪي تعلقه اسپتال ۾ موجود ڪرپٽ مافيا جو اڳواڻ ايم ايس ارباب ملڪ معصوم نياڻي کي ايمبولينس نه ڏني , جنهن ڪري معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي . تعلقه اسپتال جي ايم ايس ارباب ملڪ پاران ايمبولينس نه ڏيڻ ڪري فوت ٿيل معصوم ٻارڙي جو خبرون هلائڻ تي گهوٽڪي جي صحافين تي ڏمرجي پيو ۽ صحافين کي اسپتال اندر ڪوريج تي پڻ پابندي هڻي ڇڏي , ۽ گهوٽڪي جي هڪ صحافي خلاف ڪوڙو ليٽر پڻ جاري ڪري ڇڏيو . ايم ايس پاران صحافين خلاف ڪندڙ قردار ڪشي ۽ اسپتال اندر صحافين جي اچڻ تي لڳايل پاپندي خلاف گهوٽڪي جي قلم ڌڻين ۽ مختلف سياسي , سماجي ڌرين جو پريس ڪلب گهوٽڪي ۾ هڪ هنگامي اجلاس , اجلاس ۾ گهوٽڪي جي قلم ڌڻي الهورايو بوزدار , نياز چنه ,سليم فضل ڪلهوڙو ،آزاد مهر , مشتاق شاهي لغاري , يونس ڀٽو , ظفر صديقي , عبدالحئي ساوند , احسان ڪلوڙ , سياسي سماجي اڳواڻ خالد لاکو , سيد جمال شاھ , رئوف پارس دايو , ايڊوڪيٽ لال بخش گهوٽو , نصرالله ڪلادي , لالا قيصر زمان پٺاڻ , مجاهد سخي جان چاچڙ , ڪامريڊ اڪرم ٿهيم , احسان ڪلادي , لطيف ميراڻي نديم ڀٽي , مبين ڪولاچي , نذير لانگاھ , اسد علي , قادر منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي , ان موقعي تي صحافين ۽ سياسي , سماجي اڳواڻن ايم ايس ارباب ملڪ پاران صحافي الهورايو بوزدار جي ڪندڙ ڪردار ڪشي خلاف سخت لفظن ۾ مزمت ڪندي آچر ڏهاڙي ايم ايس گهوٽڪي هٽايو گهوٽڪي بچايو , تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو , اجلاس بعد صحافين ۽ سياسي , سماجي اڳواڻن پاران پريس ڪلب گهوٽڪي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي , وزير اعلئ سنڌ ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کان گهر ڪئي ته فوري طور ايم ايس گهوٽڪي جي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي کيس فوري طور هٽائي , عوام کي رليف ڏنو وڃي . 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو