ترڪ اداڪارا پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي

موگلا(ويب ڊيسڪ)ترڪي جي مشهور اداڪارا مرفي ڪيلپ 36 سالن جي عمر ۾ پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي.ترڪ ميڊيا موجب اداڪارا مرفي ڪيلپ پنهنجي پيءُ جي لائسنسي پستول سان پاڻ کي مٿي ۾ گوليون هڻي پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو. هوءَ موگلا صوبي جي دالامان واري علائقي ۾ پنهنجي گهر ۾ اڪيلي هئي.پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي رهواسين فائرنگ جو آواز ٻڌي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جتي اداڪاره جو لاش پيل هو.اداڪارا مرفي ڪلپ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪارا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٿيٽر ۾ ڪئي جنهن کانپوءِ هن ڪيترن ئي ٽي وي شوز ۾ پڻ ڪم ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو