جهانگير۽ علي ترين پاران ضمانت واريون درخواستون واپس

لاهور (ويب ڊيسڪ) جهانگير ترين ۽ ٻين جوابدارن عدالت مان پنهنجي عبوري ضمانت واريون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون.تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ ۽ کنڊ اسڪينڊل ۾ نامزد جوابدار جهانگير ترين ۽ ان جي پٽ علي ترين جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي عدالت ۾ بيان ڏنو ته جهانگير ترين جي گرفتاري اڃان ضرورت نه آهي جيڪڏهن ڪڏهن به ضرورت پئي ته ايف آءِ اي پهريان آگاهه ڪندو. جهانگير ترين جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته هي ڪيس ايف آءِ اي جي اختيار ۾ نٿو اچي. ايس اي سي پي ڪمپنين جي حوالي سان سمورا معاملا  ڏسندي آهي.مدعي جاچ ايف آءِ اي پاڻ ٺهيو. استدعا آهي ته ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو وڃي ته 10 ڏينهن اڳ اطلاع ڏني وڃي. جهانگير ترين ۽ ٻين جوابدارن عدالت مان پنهنجون عبوري ضمانت واريون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون. جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي آفيسر جي بيان کان پوءِ ضمانت واريون درخواستون واپس وٺي رهيا آهيون. جنهن کان پوءِ عدالت درخواستون منظور ڪندي اڪلائي ڇڏيون ۽ حڪم ڏنو ته ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري جي ضرورت پوي ته جوابدار کي 7 ڏينهن اڳ آگاهه ڪيو وڃي.ٻڌڻي کان پوءِ عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو ته ڪيس ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ پيشيون ڀڳتيون ۽ عدالت کي سموريون شاهديون ڏنيون. منهنجو سمورو پئسو بينڪ ٽو بينڪ ٽرانسفر ٿيو. 10 مهينن جي تڪليفن کان پوءِ ايف اءِ اي عدالت کي چئي ڇڏيو ته هن جي گرفتاري جي اسان کي ضرورت نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو