تربيتي پروگرام عملي جي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ ضروري قرار

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ بلوچستان جي فوڊ اٿارٽيز جي عملي جي فوڊ سيفٽي جي معيارن تي عمل ڪرائڻ ۾ سندن ڪارڪردگيءَ ۽ صلاحيتن جي اعتراف جي سلسلي ۾ هڪ مقامي هوٽل ۾ يورپي يونين جي انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر (آءِ ٽي سي) پاران سنڌ ۽ بلوچستان فوڊ اٿارٽيز کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ آءِ ايس او 17025 جو تربيتي پروگرام مڪمل ڪندڙن لاءِ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين تربيتي پروگرام مڪمل ڪندڙ عارف شاهه ڪاڪڙ ڊائريڪٽر جنرل زراعت بلوچستان، ڊائريڪٽر اين سي اي اي سي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پروفيسر ڊاڪٽر سيد طفيل حسين شاهه ، مسز بينظير، ڊائريڪٽر زراعت توسيع سنڌ، ڊاڪٽر ظهير حسين شاهه ۽ ٻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.آغا فخر حسين ليبارٽري ٽيسٽنگ ۽ صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ عالمي معيارن جي پاسداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ پروگرام جي اهميت تي روشني وڌي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو