پي ٽي آءِ اڄ به فوج خلاف دهشتگردن سان بيٺل آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف اڄ به فوج جي خلاف دهشتگردن سان گڏ بيٺل آهي.اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بجيٽ تي بحث ڪئي وئي. خواجه آصف کي مائيڪ ڏيڻ تي سني اتحاد ڪونسل احتجاج ڪيو ۽ فاٽا آپريشن بند ڪريو جا نعرا لڳايا. هنن ڪي پي ڪي آپريشن ۽ پختونن جو قتل نامنظور جا نعرا لڳايا.خواجا آصف چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن جي لاءِ اٿندڙ آواز کي دٻايو پيو وڃي. اقليتن جو ڪڏهن سوات، ڪڏهن سرگودها، ڪڏهن فيصل آباد ۾ قتل ٿئي ٿو. مذهب جي نالي تي رت وهائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ايوان کي انهي مسئلي تي متفق ۽ متحد موقف اختيار ڪڻ گهرجي. پاڪستان ۾ مسلمانن جا ننڍا فرقا ۽ ڪوبه مذهبي اقليتي محفوظ نه آهي.هن چيو ته آپريشن عزم استحڪام جو فيصلو ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ شامل رهي. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير به اجلاس ۾ موجود هو. انهي جي سامهون سموريون ڳالهيون ٿيون پر هن ايوان ۾ به آپريشن عزم استحڪام تي ڳالهائينداسين. پي ٽي آءِ کي اعتراض آهي ته انهي تي به ڳالهائي سگهجي ٿو. اڄ هي هن ايوان ۾ مظاهرو ڪري دهشتگردن سان گڏ بيٺل آهن. فوج جي خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن پر هي اڄ به 9 مئي وارا آهن، ڪالهه به 9 مئي وارا هئا، ايندڙ ڏينهن ۾ به 9 مئي وارا هوندا.دفاع واري وزير خواجا آصف استحڪام پاڪستان آپريشن جي تصديق ڪندي چيو ته ايپڪس ڪميٽي ۾ پهريان کان اڻ مڪمل آپريشن کي اڳيان وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪميٽي جي فيصلي کي ڪابينه ۾ آڻي رهيا آهيون جنهن کان پوءِ معاملو ايوان ۾ آڻينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو