تاريخ خود غرض سياستدانن تي ڪڏهن به مهربان ناهي رهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڳواڻن کي سمجهڻ گهرجي ته تاريخ ڪڏهن به خود غرض سياستدانن تي مهربان ناهي رهي.سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عوامي مينڊيٽ سان ٽڪراءَ جي ڪنهن به ڪوشش جي نتيجي ۾ افراتفري پيدا ٿيندي.شاهد خاقان چيو ته چونڊ عمل جي گرمي ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي استحڪام طرف وڌڻ ڏنو وڃي.هن چيو ته اڳواڻن کي هاڻي پارٽي سياست کان ٻاهر نڪري ملڪ کي درپيش چيلينجز مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.شاهد خاقان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي عوام وڏي ۽ واضح ڳالهه ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو