بگٽي جي اسڪواڊ جي گاڏي جو ٽڪر، پرنسپل سيڪريٽري زخمي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وفاقي گهرو وزير سينيٽر سرفراز بگٽي جي گاڏي آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي.پوليس ذريعن موجب گهرو وزير جو سڪيورٽي اسڪواڊ اسلام آباد ايئرپورٽ طرف اچي رهيو هو ته آئل ٽينڪر غلط رخ اختيار ڪري روٽ جي فاسٽ لائين تي اچي ويو.پوليس ذريعن موجب سرفراز بگٽي جي اسڪواڊ سان تعلق رکندڙ گاڏي ۾ سوار 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ گهرو وزير جو پرنسپل سيڪريٽري به شامل هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثو ايئرپورٽ روڊ تي ٿالين موڙ ويجهو پيش آيو، جڏهن ته گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته حادثي وقت گهرو وزير سرفراز بگٽي گاڏي ۾ موجود نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو