بهاولنگر(ويب ڊيسڪ)بهاولنگر ۾ قتل جي جوابدار کي انٽرپول جي مدد سان مسقط مان گرفتار ڪري پنجاب منتقل ڪيو ويو.ايف آءِ اي نيشنل سينٽرل بيورو انٽرپول پاڪستان پاران قتل جي سنگين ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.اشتهاري جوابدار عبدالله پنجاب پوليس کي گهربل هو، جنهن کي هاڻي مسقط مان گرفتار ڪري لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.بعد ۾ ايف آءِ اي اميگريشن جوابدار کي بهاولنگر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.جوابدارن جي حوالگي انٽرپول اسلام آباد جي انٽرپول مسقط سان ويجهي رابطي سبب ممڪن ٿي.اين سي بي انٽرپول پاڪستان انتهائي گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 24/7 خدمتون فراهم ڪري رهي آهي.جوابدار عبدالله خلاف قتل جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول پاڪستان کي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.










