ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو آهي ته بل جمع ڪرائڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه اربع واري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ اطلاعات کاتي جي پينل تي موجود اشتهاري ايجنسين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن (سي اي اوز) جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هن چيو ته اطلاعات کاتي پاران ميڊيا جي ادارن کي جلد ادائيگي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي ته جيئن وقت سر رهتن کي اُڪلائي سگهجي. سيڪريٽري اطلاعات چيو ته ميڊيا هائوسز جي پراڻين رهتن جي ادائگي لاءِ آڊٽ فرم جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن ته جيئن آڊٽ فرم کان تصديق ٿيل بلن بعد جاري ڪيل رپورٽ موجب ادائگي ڪئي وڃي ۽ جڏهن ته ميڊيا کي ڏنل اشتهارن جي ڏس ۾ ادائيگين جا تفصيل ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيا ويندا. وقت سر بلن کي جمع ڪرائڻ تي زور ڀريندي سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ايڊورٽائيزنگ ايجنسين کي اليڪٽرانڪ ۽ خاص طور تي پرنٽ ميڊيا کي مليل اشتهارن جا بل پندرهن (15) ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ جي سختي سان هدايت ڪئي. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته اطلاعات کاتي جو دائرو صرف حڪومت جي تشهير تائين محدود ناهي پر عوام جي مسئلن بابت ميڊيا ۾ آيل شڪايتن کي لاڳاپيل اختيارين کي پهچائي جوڳي حل لاءِ ان بابت ڌيان ڇڪائڻ آهي. هن چيو ته انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي جديد اوزارن کي استعمال ڪندي انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سڌاري ۽ بهتري لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اطلاعات کاتو ميڊيا کي سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل اشتهارن جي پاليسي موجب طئي ڪيل معيار تي لهندڙ اهڙين اخبارن کي اشتهار جاري ڪيا پيا وڃن، جن جي باقاعده سرڪيوليشن، اسٽالن تي موجودگي، آفيس ۽ گھربل ملازمن توڙي پڙهندڙن جي انگ جو پڻ جائزو مڪمل طور تي جانچيو وڃي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته جاري ڪيل اشتهار جو تفصيل انفارميشن کاتي جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ اسپيس، رقم ۽ ڪلائنٽ ڊپارٽمينٽ جو تفصيل پڻ شامل آهن. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته ڪافي وقت کان شايع نه ٿيندڙ اخبارن کي جلد سنڌ ميڊيا لسٽ (ايس ايم ايل) مان خارج ڪري انهن خلاف لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي سندن ڊڪليريشن رد ڪرڻ لاءِ لکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اخبارن جي روزاني حاضري ۽ باقاعده رپورٽ پڻ کاتي جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان، ڊائريڪٽر انفارميشن ايڊمنسٽريشن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر انفارميشن ايڊورٽائزمنٽ امتياز علي جويو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن صاحب خان ڀنڊ، انفارميشن آفيسر لياقت علي جمالي ۽ مختلف ايڊورٽائزنگ ايجنسيز جا نمائندا سلمان منصور، مخدوم منصور هاشمي، شاريز هاشمي، عبدالقادر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










