بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪو، 12 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس ڀرڻ سبب زوردار ڌماڪي بعد کاڻ ۾ ڦاٿل 20 ڄڻن مان 12 لاش ڪڍيا ويا آهن. هرنائي جي علائقي زردالو ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس ڀرجڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿيڻ سبب 20 کان کن دٻجي ويا. جنهن بعد بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جو فوري طور تي نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ان سان گڏ ريسڪيو آپريشن کي تيز ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.چيف مائنز انسپيڪٽر موجب ريسڪيو آپريشن دوران 12 کان کنن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته ڪوئلي مان 8 مزدورن کي زنده ڪڍيو ويو آهي. چيف مائنز انسپيڪٽر جو چوڻ آهي ته آپريشن مڪمل ٿيڻ بعد ڪول مائن کي سيل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف به ڪوئلي جي کاڻ ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ کاڻ ۾ ٻڏندڙن جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اهڙا واقعا انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ آهن، هو ڏک جي گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهن، حڪومت زخمين ۽ متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو