بلوچستان ويندڙ 2 گيس پائپ لائينون لُڙهي ويون، فراهمي معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان ٻڌايو آهي ته شڪارپور کان بلوچستان ويندڙ 2 گيس پائپ لائينون برساتي وهڪرن ۾ لڙهي ويون آهن جنهن سبب بلوچستان جي ڪيترن علائقن ۾ گيس جي فراهمي بند ٿي وئي آهي. بلوچستان جي ضلعي بولان ۾ بي بي ناني علائقي ۾ 24 انچ ۽ 12 انچ واريون پائپ لائنون سيلابي ريلي ۾ لڙهي ويون آهن جنهن سبب مستونگ، قلات، پشين ۽ زيارت کي گيس جي فراهمي بند آهي ۽ ڪوئٽا ۾ گيس جو پريشر گهٽجي ويو آهي. ترجمان موجب مرمت ۽ گيس جي فراهمي جو ڪم جاري آهي. هوڏانهن بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 13 روڊ حادثن ۾ 17 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو