بلوچستان جا گم ڄاڻايل 4 ميمبر سامهون اچي ويا

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان عوامي پارٽي يعني باپ جا گم ڄاڻايل 4 ايم پي ايز سامهون اچي ويا، اڪبر آسڪاڻي، بشريٰ رند، ليليٰ ترين ۽ ماهه جبين اسلام آباد ۾ موجود، گمشدگي جِي ترديد، اڪبر آسڪاڻي چيو آهي ته، ڪجهه دوستن گمشدگي جون افواهون پکيڙيون، مان پنهنجي ڪم لاءِ اسلام آباد آيو هئس، اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو سان گڏ آهيان، اڄ ڪوئيٽا پهچي پنهنجي گروپ ۾ شامل ٿينداسين، ماهه جبين چيو ته بي اعتمادي رٿ وارَي ڏينهن ڪجهه مصروفيتن سبب اسيمبلي نه پهتاسين، بشريٰ رند جو موقف آهي ته پنهنجي گروپ سان گڏ هئاسين ۽ رهنداسين، سومر تي بلوچستان اسيمبلي ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي ۽ سندس خلاف ووٽ ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو