بلاول ڀٽو پهرين جولاءِ کان جاپان جو دورو ڪندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپان جي حڪومت جي دعوت تي پهرين کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو چار ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو آهي ته پرڏيهي وزير جو دورو جاپان سان قيادت جي سطح تي رابطن جي بحالي جو اشارو ڏئي ٿو. پاڪستان ۽ جاپان هڪ ڊگهي عرصي کان آزمائشي لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن جن جي خصوصيت گرمجوشي، دوستي ۽ مسئلن تي گڏيل راءِ آهي. دوري دوران پرڏيهي وزير پنهنجي جاپاني هم منصب يوشيماسا هائيشي سان وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪندو. هو جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪشيدا سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ جاپان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار تاڪيو اڪيبا سان به ملاقات ڪندو. پاڪستاني پرڏيهي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ انسٽيٽيوٽ (ADBI) ۾ تقرير ڪندو، جيڪو مشهور جاپاني ٿنڪ ٽينڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو