ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارليامينٽ ميمبر شازيه مري، نويد قمر، طارق شاهه ڄاموٽ ۽ بئريسٽر ضمير گهمرو بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي حڪومت سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ترجمان موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي المعروف ملير ايڪسپريس وي سميت ڪراچي ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني










