اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي، جنهن سان اسان پنهنجن لاڳاپن کي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم هائوس مان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ وفد غزه امن معاهدي ۾ پاڪستان جي ڪردار تي شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سينيٽر شيري رحمان، نيئر بخاري، نديم افضل چن ۽ سيد علي قاسم گيلاني شامل هئا، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان مسلم ليگ (ن) طرفان موجود هئا.
مشهور خبرون










