يارو لنڊ)محبت علي) پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري جي خالدآباد آمد ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ سان ملاقات، ملاقات ۾ آصفه زرداري بہ شامل، بلاول ڀٽو زرادري چيف آف لنڊ سردار فياض علي خان لنڊ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ان سان گڏ شھباز خان لنڊ، سردار خان لنڊ، نور محمد خان لنڊ سان بہ مليو، بلاول ڀٽو زرادري ملاقات ۾ ايم اين اي خالد احمد لنڊ سان اين اي 205 جي چونڊ جي سلسلي ۾ پڻ مشاورت ڪئي. خالد احمد خان لنڊ بلاول کي اجرڪ ۽ آصفه کي پوتي پارائي سندس مٿي تي هٿ رکيا. ان موقعي تي بابر خان لنڊ، اڪرام ڌاريجو، باري خان پتافي ۽ علائقي جا معززين پڻ شريڪ ٿيا.










