بلاول جهڙو منشور هڪ ڏينهن ۾ لکي ڏئي سگهان ٿو

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ ڪالم نگار عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري سمجهي ها ته اسان کي به سندس جهڙو منشور ڏيڻ گهرجي ها ته هڪ ڏينهن ۾ 10 اهڙا نقطا لکي ها،هنن جو چوڻ آهي ته اسان نواز شريف، مريم نواز يا شهباز شريف کي 10 نقطا ڏيون ها ته جلسن ۾ ڊيليور ڪن، اهو آسان ڪم هو.عرفان صديقي وڌيڪ چيو آهي ته چونڊ منشور لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن، هن وقت تائين ڪنهن به پارٽي لکت ۾ منشور جاري ناهي ڪيو.ن ليگ اڳواڻ اهو به چيو آهي ته اسان جو منشور ٻن ٽن ڏينهن ۾ اچي ويندو، اسان جي دور ۾ وڏن ڌرڻن سان ڪو به ڪجهه نه ڪري سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو