بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن کي هر قسم جي مدد جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي تحفظ لاءِ يقيني قدم کنيا وڃن، پاڪستاني سفارتخانو به شاگردن سان رابطو يقيني بڻائي.هن چيو ته شاگردن جي پاڪستان ۾ موجود وارثن تائين درست ڄاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، يقين آهي ته ڪرغزستان حڪومت پنهنجي سرزمين تي پاڪستانين جو خيال رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو