بزدلاڻا حملا دهشتگردي خلاف عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير بنون جو دورو ڪيو، آرمي چيف کي آپگهاتي ڌماڪي سان گڏ سڪيورٽي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي، انهن جي عزم کي ساراهيو، آرمي چيف سي ايم ايڇ جو دورو پڻ ڪري زخمين جي عيادت ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير زخمين جي عيادت ڪئي.آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي، دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج مادر وطن مان دهشتگردي جي لعنت کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو