بزدار سان ملاقات سان سمورا مسئلا حل ٿي ويا،ترين گروپ

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي نامزد گروپ جي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان ملاقات ٿي جنهن ۾ عثمان بزدار ميمبرن کي خدشا ختم ڪرائڻ جو يقين ڏياريو.رپورٽ موجب جهانگير ترين گروپ جي اڳواڻ سعيد اڪبر نواني، نعمان لنگڙيال، اجمل چيمه، عون چوڌري، عمر آفتاب، نذير چوهاڻ ۽ زور اوڙائچ شامل هئا. جهانگير ترين گروپ جي وفد پنجاب جي وڏي وزير کي پنهنجن خدشن کان آگاهي ڏني. جنهن تي عثمان بزدار کين خدشن جي ازالي جو يقين ڏياريو جڏهن ته  اسيمبلي ميمبرن پنجاب جي وڏي وزير جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران پنجاب جي وڏي وزير چيو ته اسان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهيون ۽ منهنجا دروازا اوهان سڀني جي لاءِ کليل آهن. ڪڏهن به ڪنهن سان ناانصافي نه ڪنداسين.هن چيو ته انتقام جي سياست اسان جو زر ناهي. اوهان جي جائز خدشن جو ازالو ڪيو ويندو. اسان جي پارٽي جو نالو تحريڪ انصاف آهي ۽ اسان انصاف جي عملداري تي يقين  رکندا آهيون.  پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سعيد اڪبر نواني چيو ته جهانگير ترين گروپ حقيقت آهي اڳ به چيو هو ته افواهن ۾ ڪابه سچائي نه آهي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ اسان سموريون ڳالهيون ڪيون، بجيٽ جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. اسان حڪومت سان گڏ آهيون ۽ وڏي وزير سان جيڪي ڳالهيون ٿيون ان تي مڪمل مطمئن آهيو.سعيد نواني چيو ته اسان چاهيون ٿا ته شفاف جاچ ٿئي ان جا جيڪي به نتيجا ايندا ان کي قبول ڪيو ويندو. ترين گروپ جي ميمبر نعمان لنگڙيال چيو ته اسان اسان جو وفد وڏي وزير سان مليو آهي. وزيراعظم واعدو ڪيو هو ته جهانگير ترين سان نانصافي نه ٿيندي. اسان تحريڪ انصاف جو حصو هئاسين ۽ رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو