بروهي ۽ مگسي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 18 ڄڻا زخمي

شهدادڪوٽ ( ڊ  ر ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  ڳوٺ عيد محمد بروهي ۾ مگسي ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ بجلي جي تار هڻڻ جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ ڏنڊن  ۽ سروٽن جي آزادانه استعمال ڪري ٻنهي ڌرين جا 18 کان وڌيڪ ماڻهون زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال آندو ويو جتي اسپتال اندر ٻيهر جهيڙو  ٿي پيو جنهن بعد پوليس پهچي جهيڙي تي ضابطو آندو. زخمين ۾ سليم بروهي، عبدالحفيظ بروهي، محب الله بروهي، صلال بروهي، شاه محمد بروهي، غلام حسين بروهي، مظهر بروهي، سليم بروهي، حاجي خان بروهي، عبدالوحيد مگسي، محمد اسلم مگسي، حاجي بشير مگسي، محمد نواز مگسي، رجب مگسي، فهد مگسي، سڪندر مگسي، امير مگسي،  حاجي مرزا مگسي، نثار مگسي، حنيف مگسي شامل. اسپتال ۾ موجود زخمين ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته جهيڙو ٽرانسفارمر مان هيوي موٽر جي بجلي جي تار لڳائڻ تان ٿيو آهي. هوڏانهن جهڙي بعد اسپتال ٻاهران ماڻهن جي رش ٿي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو