برطانوي حڪومت جون پاڪستان ۾ سفر بابت نيون هدايتون

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي حڪومت پاڪستان جي سفر جي حوالي سان نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ شهرين کي چيو آهي ته هو پشاور سميت ڪي پي جي اڪثر علائقن جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جو خطرو آهي، خيبرپختونخواهه جي ضلعن باجوڑ، مهمند، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، اتر وزيرستان ۽ ڏکڻ وزيرستان جو سفر نه ڪيو وڃي.برطانوي حڪومت جو چوڻ آهي ته سندس شهري به چارسده، ڪوهاٽ، ٽانڪ، بنون، لڪي، ڊيرا اسماعيل خان، سوات، بونير ۽ لوئر دير جي ضلعن جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.برطانوي حڪومت موجب شهرين کي پشاور شهر جي اتر کان اين 45 روڊ ۽ مردان ضلعي جي رنگ روڊ کان چترال ضلعي جي ڪنڊ تائين سفر نه ڪرڻ گهرجي، اهڙي طرح شهرين کي بلوچستان صوبي جي ڏاکڻي ساحل کان سواءِ ڪنهن به علائقي ۾ وڃڻ نه گهرجي.برطانوي حڪومت پڻ پنهنجي شهرين کي سياسي مظاهرن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪجهه سياسي مظاهرن ۾ مغرب مخالف جذبات شامل آهن.برطانوي حڪومت پنهنجي شهرين کي سخت گرمي کان خبردار رهڻ جو مشورو ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو