برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو

ڪراچي (پ ر ) سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پنھنجي جاري ڪيل ھڪ پيغام ۾ چيو تہ موسميات کاتي پاران برسات جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ ميئر ڪراچي جي هدايتن تحت واٽر ڪارپوريشن برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، هن ٻڌايو تہ واٽر ڪارپوريشن وٽ ڪل 55 سڪشن مشينون موجود آهن جڏھن تہ امڪاني برسات کان اڳ شهر جي سمورين اهم شاهراهن سميت ڊيپ ايريا جي مختلف هنڌن تي سڪشن مشينون پهچايون وينديون، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪشاپ ڊويزن شفقت حسين ۽ لاڳاپيل ايگزيڪيوٽو انجنيئر سمورين گاڏين جي نگراني ڪندا، ھن ٻڌايو تہ نيڪالي واري سمورين پمپنگ اسٽيشن کي بجلي جي فراهمي نہ ھوڻ جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد سان بحال رکيو ويندو ان سلسلي ۾ سيوريج پمپنگ اسٽيشن تي ڊيزل وڏي مقدار ۾ پڻ پهچايو ويو آهي، ان موقعي تي هن شهرين کان درخواست ڪندي چيو تہ برسات جي دوران مين هولز جا ڍڪ نہ هٽايا وڃن ڇاڪاڻ تہ سيوريج جا مين هولز برساتي پاڻي جي نيڪالي جي لاءِ نہ آهن، ھن چيو تہ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي واٽر ڪارپوريشن جو سمورو عملو خاص ڪري سيوريج جو عملو هاءِ الرٽ آهي ۽ ان حوالي سان واٽر ڪارپوريشن جي انجنيئرنگ ونگ جي عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن، هن جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جي انتظاميا هر وقت برسات ۽ هر ممڪن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل افرادي قوت سان تيار آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو واٽر ڪارپوريشن ڪي ايم سي سميت ٻين سمورن مڪاني ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهي جنھن جو واضح مثال گذريل برساتن دوران واٽر ڪارپوريشن ڪي ايم سي سان گڏجي ڪري نيڪالي وارو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جو عملو چوويهه ڪلاڪ عوام جي خدمت لاءِ پنهنجا فرائض بھتر نموني سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ برسات واري پاڻي جي نيڪالي مڪمل ٿيڻ تائين واٽر ڪارپوريشن جون گاڏيون ۽ عملو روڊن تي موجود رھندو، ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن شهرين کي اپيل ڪندي چيو تہ ھوءَ سڀاڻي گھر کان غير ضروري ٻاھر نہ نڪرن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو