بدين (ن س) فتح آباد اڪري جاگير ڳوٺ عبدالله منڌرو ۾ مال جي ڀيل تان پنهور برادري جي مسلح ماڻهن ڪهاڙين جا وار ڪري پنجاھ سالا محمد حسن منڌرو کي قتل ڪري ڇڏيو تفصيل موجب امير شاھ سم نالي لڳ قديم ڳوٺ عبدالله منڌرو اڪري جاگير جو رهواسي محمد حسن منڌرو پنهنجي ٻني ۾ مال چاري رهيو هو ته ڀرسان رهندڙ پنهور برادري جي ماڻهن هر هڪ بشير پنهور ، دائود پنهور ۽ ٻين گڏجي حملو ڪري محمد حسن منڌرو کي ڪهاڙين سان سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آس پاس جي رهواسين کيس نازڪ حالت ۾ تعلقه اسپتال گولاڙچي پهچايو جتان حيدراباد نيو ويو جتي زخمي رت گهڻو وهن سبب فوت ٿي ويو فوتي جي ڀائرن محمد منڌرو ، غلام رسول منڌرو ٻڌايو ته ساڻن پنهور برادري جي ماڻهن وڏو ظلم ڪيو اهي سندن پيرسن ڀاء شريف ۽ ساڌو ماڻهو هو جنهن کي اڪيلو ڏسي هر هڪ بشير پنهور ، دائود پنهور ۽ ٻين ڪهاڙين سان شديد زخمي ڪيو جيڪو حيدرآباد پهچندي فوت ٿي ويو هنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي نه قتل جي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ٻي پاسي محمد حسن منڌرو کي قتل ڪرڻ واري خبر بعد علائقي ۾ سخت ڪشيدگي پکڙيل آهي ۽ آس پاس جي منڌرا برداري جي درجنين ڳوٺن جا رهواسي گڏ ٿين شروع ٿي ويا آهن ٻي طرف گولاڙچي پوليس موقعي تي پهچي قاتلن جي گرفتاري لاء ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آھن پر ڪا به گرفتاري عمل ھيٺ اچي نه سگھي ھئي










