حڪومت جي بحريا ڪيس ۾ وڌيڪ گرفتاريون نه ڪرڻ جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بحريه ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ وڌيڪ گرفتاريون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت طرفان ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسر مٿان ڪاوڙ جو اظهار، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ چاليهه هزار کان وڌيڪ اڻڄاتل جوابدار نامزد ٿيل آهن، عدالت جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڇا جيستائين جاچ جاري رهندي، تيستائين اڻڄاتل جوابدار گرفتار ٿيندا رهندا، پوليس کي وڌيڪ گرفتاريون نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، ڪيس تي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي، عدالت طرفان پراسيڪيوٽر جنرل سوڌو سمورن وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.ان کان اڳ سيد جلال شاھ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي هڪ واقعي جي هڪ کان وڌيڪ FIR داخل ڪرڻ خلاف پٽيشن جي ٻڌڻي وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو. سيد غلام شاهه ۽ اعجاز سامٽيو پڻ ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ اسد شاھ راشدي ، سجاد چانڊيو،خالق جوڻيجو ياسر شاهه، غلام رسول سوهو، ڪاظم مهيسر ،رزاق سولنگي،،مرتضي ساريو ،مرتضي کهڙو، جمن پنهور، ڪاشف عباسي ،صلاح الدين چانڊيو، رشيد راڄڙ، اياز چانڊيو، انور سولنگي، عمران ڪلمتي ،احسن باري چنه جهانگير راهوجو، خليل انصاري،اشفاق شاہ، ڪوثر شر ،حسيب پنهور ،عبداللطيف ميربحر ،معين مگسي ،اصغر ناريجو ،شمس چانڊيو آمير خواجه، جاويد اڄڻ ۽ ٻيا به پيش ٿيا. ڪراچي بار جو صدر نعيم قريشي صاحب به موجود هو.

Photo Facebbok

ٻئي طرف اڄ به فاروق ايڇ نائيڪ ڪون پهتو ۽ پراسيڪيوٽر جنرل پاڻ به نه پهتو مگر پ پ سرڪار جا وڪيل پهتا پر وڪيل برادري جو ڪٺ ٻئي پاسي ڏسي شڪي ٿيندا رهيا. اڄ عدالت سرڪاري وڪيل ۽ مخالف ڌر جي وڪيل صاحبن کي چيو ته جڏهن اسان اها ڊائريڪشن ڏئي چڪا آهيون ته هڪ واقعي جي هڪ کان وڌيڪ FIR نه ٿيڻ گهرجن ان تي عملدرآمد جو ڇا ٿيو قانون تي عمل ڇو نه ٿيو آهي.  جنهن تي سرڪاري وڪيلن بحريه ڀڃ ڊاهه ڪيس واري  ايف آئي آر ۾ ڪنهن کي به گرفتار نه ڪرڻ جو بيان جمع ڪرايو. عدالت چيو ته انَ تي 13 آگسٽ تي عملدرآمد ڪري عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرايو. ٻئي پاسي ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي. بحريا ڀڃ ڊاهه ڪيس جي دهشتگردي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي 5 آگسٽ تي ٿيندي جنهن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻ پيش ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو