بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم

بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بجيٽ ۾ قدم شامل ڪيا پيا وڃن.
ميان منشا، عارف حبيب، عاطف باجوه، محمد علي طبا، مصدق ذوالقرنين، زياد بشير سميت ٻين نامور صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته توهان دنيا ۾ پاڪستان ۽ اسان جي سڃاڻپ جا سفير آهيو، مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي ڪاروباري برادري جو شڪرگذار آهيان.
وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ خانگي شعبي جي وچ ۾ مضبوط ڀائيواري معاشي ترقي جي ضمانت آهي، معيشت سان لاڳاپيل پاليسي سازي ۾ ڪاروباري برادري سان صلاح مشورو اهم آهي، اسان برآمدات جي اڳواڻي ۾ ترقي جي رستي تي آهيون ۽ اهو اسان جي اقتصادي پاليسي جو مرڪز آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته غير رسمي معيشت کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بجيٽ ۾ قدم شامل ڪيا پيا وڃن.
وزيراعظم چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، اهڙين صنعتن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن جيڪي ملڪي پيداوار ۾ اضافو ڪنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو