بجيٽ خسارو گهٽائڻ لاءِ خرچن ۾ گهٽتائي جو وڏو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران حڪومت حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سخت شرطن سبب بجيٽ خسارو گهٽائڻ جو اهم فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت نومبر ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين کان اڳ خرچن ۾ نمايان گهٽتائي چاهي ٿي، آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام تحت صوبن کي هلندڙ مالي سال 600 ارب رپيا سرپلس ڏيکارڻا آهن، جڏهن ته پاڪستان کي وڌيڪ 700 ملين ڊالر ئي ملندا. جيڪڏهن سفارش ڪئي وڃي.ذريعن موجب اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام جا نوان منصوبا شروع نه ڪرڻ ۽ رڳو جاري ترقياتي منصوبن جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اهو فيصلو ملڪ جي مشڪل مالي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل به تجويز جي حمايت ڪئي آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ صوبن کان بجلي، گئس، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي سبسڊي ۾ آبادي جي تناسب سان حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ ۽ يوريا ڀاڻ صوبائي حڪومتن جي مرضي تي امپورٽ ڪئي وئي، ٽريڊنگ ڪارپوريشن تي اجناس جي درآمد جي ذميواري 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان صوبائي حڪومتن پنهنجو حصو ادا نه ڪيو آهي.ذريعن موجب ترقياتي منصوبن ۽ سمورن سبسڊيز ۾ صوبن جي شموليت بابت قانون تي ڪم جاري آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ناڻي واري وزارت قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ تبديلي جي سفارش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو