اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سيڪريٽري پاور راشد لنگريال بجلي چوري خلاف ڪارروائي جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي ڊيٽا جاري ڪندي راشد لنگريال چيو ته بجلي چورن کان 7 ارب 88 ڪروڙ 90 لک رپيا وصول ڪيا ويا آهن.هن چيو ته هن وقت تائين 2301 بجلي چور گرفتار ڪيا ويا آهن.راشد لنگريال چيو ته بجلي چورن خلاف 15 هزار 47 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته بجلي چوري خلاف مهم ڏنڊن ۽ وصولين بابت نه پر مفت صارفين جي رويي کي تبديل ڪرڻ بابت آهي.
