بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ ايف آءِ اي آفيسر مقرر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) بجلي جي چوري ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي آفيسرن، ملازمن ۽ بجلي چورن جي ڳٺ جوڙ ٽوڙڻ لاءِ بجلي ڪمپنين ۾ ايف آءِ اي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو .وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ٽن آفيسرن جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب، ٽنهي آفيسرن کي پيسڪو، سيپڪو ۽ حيسڪو ۾ مقرر ڪيو ويندو.نوٽيفڪيشن موجب، ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سعد الله خان کي پيسڪو، ڊپٽي ڊائريڪٽر صوفي عبدالحفيظ چاچڙ کي سيپڪو ۽ ايڪٽنگ ڊائريڪٽر مزمل احمد جتوئي کي حيسڪو ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايف آءِ اي آفيسر بجلي چوري جي روڪٿام ۽ ريڪوري وڌائڻ ۾ مدد ڪندا، آفيسر بجلي ڪمپنين ۾ ملازمن ۽ بجلي چورن جي ڳٺ جوڙ ٽوڙڻ تي به ڪم ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو