اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سرڪاري بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي.آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون ڏينهن آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف حڪومتي بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڊسڪوز طرفان 100 سيڪڙو بل جمع نه ڪرائڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته سرڪاري ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ کانسواءِ گردشي قرض ختم ڪرڻ ممڪن ناهي، 100 سيڪڙو بل گڏ ڪرڻ کانسواءِ پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ختم نٿو ڪري سگهجي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف 3 کان سواءِ سمورن ڊسڪوز جي ڪارڪردگي کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊسڪوز طرفان بجلي جي بلن جي وصولي کي يقيني بڻايو وڃي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف سرڪيولر ڊيٽ مئنيجمينٽ پلان جا هدف طلب ڪيا آهن، بجلي جي ٽيرف ۾ سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ صنعتي شعبي جي ٽيرف سبسڊي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
