عامر خان جا ماڊل گرل سان تعلقات، شادي خطري ۾ پئجي ويس

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نزاد برطانوي عالمي باڪسر عامر خان جي ماڊل گرل سميرا سان تعلق ۽ ميسيجز واري اسڪينڊل بعد سندس زال فريال مخدوم ڪاوڙجي وئي آهي ۽ مڙس کان ڌار رهڻ لڳي آهي. ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب لنڊن هجي يا دبئي ٻئي زال مڙس ڌار ڌار رهن لڳا آهن ۽ فريال مخدوم 10 سالن جي شادي وارو رشتو ٽوڙڻ لاءِ سوچي رهي آهي. ٽن ٻارن جي ماءُ فريال ان باري ۾ دوستن ۽ مائٽ سان مشورا ڪري رهي آهي. ماڊل گرل سميرا سان تعلقات بابت عامر خان اقرار ڪندي پشيماني به ظاهر ڪئي آهي. سميرا انسٽا گرام تي چيو هو ته عامر کيس ٻڌايو هو ته فريال سان شادي سندس بزنس وينچر هو.

پهنجو تبصرو موڪليو