اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي جسٽس حسن اظهر چيو ته 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، باهيون ڏيڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ فيشن بڻجي ويو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. سزا مليل جوابدار ارزم جنيد جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته مرڪزي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 175 جي شق ٽي کان ٻاهر عدالت قائم نه ٿي ٿي سگهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سروس معاملن ۾ شروعاتي جاچ کاتيوار ڪئي ويندي آهي. سلمان اڪرم راجا چيو ته آرمي آفيسر تي به آرٽيڪل 175 جي شق ٽي لاڳو ٿيڻ گهرجي، جسٽس نعيم اختر چيو ته 1973ع ۾ آئين ٺهيو، ارڙهين ترميم ۾ مارشل لا جي قانون جو جائزو ورتو ويو جيڪو ڪم پارليامينٽ کي ڪرڻ جو آهي تنهن کي سپريم ڪورٽ ۾ ڇو ڪرائڻو آهي؟جسٽس نعيم اختر چيو ته جيڪڏهن ڪو ملٽري آفيسر آيو ته پوءِ سوال جو جائزو ورتو ويندو، ڪيس جي اختيار کان ٻاهر نه نڪرو، ڀارت ۾ پارليامينٽ ذريعي قانون تبديل ڪيو ويو آهي. جسٽس حسن رضوي چيو ته 9 مئي واقعن جا فوٽيجز ٽي وي اسڪرين تي به هلي چڪا آهن، ڪور ڪمانڊر هائوس اندر گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، اڄ ڪلهه ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ باهه ڏيڻ فيشن بڻجي ويو آهي، بنگلاديش ۾ ائين ٿيو، شام ۾ به ڦرلٽ ڪئي وئي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هڪ عام شهري جي گهر ۾ گهڙڻ به ڏوهه آهي. جسٽس حسن اظهر سوال ڪيو ته دنيا ۾ ڪڏهن ڪٿي ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملا ٿيا آهن، سلمان اڪرم راجا جواب ڏيندي چيو ته حملا ٿيا آهن، مثال توهان سامهون رکيو ويندو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عدالتي فيصلن ۾ جيڪا نشاندهي ڪئي وئي ڇا تنهن تي قانونسازي ڪئي وئي؟جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پارليامينٽ خبر ناهي ڪهڙن ڪمن ۾ مصروف آهي، جيڪي ڳالهيون هتي ٿي رهيون آهن اهي پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن. سلمان اڪرم راجا چيو ته سزا ڏيڻ جي عمل ۾ عدالتي اختيار استعمال ڪرڻ گهرجي، مارشل لا ۾ بلوچستان هائيڪورت هميشه عام شهرين جي حفاظت لاءِ فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته جسٽس وقار سيٺ پشاور هائيڪورٽ مان اهم فيصلو ڏنو جنهن جو حوالو انصاف جي عالمي عدالت به ڏئي چڪي آهي پر فيصلو سپريم ڪورٽ معطل ڪيو، ڇا ڪا عدالت آرٽيڪل 175 جي شق ٽي جي ٻاهر قائم ڪرڻ ئي ممڪن ناهي.










